جتوئڪي رياست جو خاتمو

جتوئڪي رياست جو خاتمو: 1824ع ۾ ٽالپرن جي پهرين چوباري جي زماني ۾ نواب ولي محمد خان لغاري شڪارپور تي قبضو ڪيو. ٽالپرن جتوئڪي ۽ بليدڪي ٻنهي رياستن کي بحال رکيو. 1843ع ۾ مياڻي جي خونريز جنگ ۾ جتوئي سنڌ جي بچاءُ ڪاڻ دل کولي انگريزن سان وڙهيا هئا. وري جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته جتوئين جي سردار به آڻ مڃي، ڇاڪاڻ ته جتوئي ٻنهي پاسن کان ڦاٿل هئا. هڪڙي پاسي نواب ولي محمد خان چانڊيو، ٻئي طرف مير علي مراد خان سهراباڻي اتر سنڌ جي ٻروچن خلاف سر چارلس نيپيئر جا مددگار هئا. 1857ع ۾ پهرين آزادي جي جنگ وقت ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي ڏينهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، جيڪب آباد جي ڇانوڻين جي ديسي فوجن ۾ شورش پئجي ويئي. مگر حڪومت بر وقت ضابطي رکڻ ۾ ڪامياب ٿي. انهيءَ ڳڙٻڙ ۾ تعلقي شڪارپور جي زميندار سردار امام بخش خان جتوئيءَ جي جاگير انگريزن ضبط ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو